Tuesday 16 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 16 اپريل تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  16اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

16 اپريل 1867ع گلوڪار ڪلاچن ڪلياڻ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 اپريل 1889ع خاموش فلمن جي مشهور مزاحيه اداڪار چارلي چپلن جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1917ع شاعر انور علي شاهه بخاري (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 اپريل 1919ع تعليمدان آمنه خميساڻي جي پاٽ شريف ۾ پيدائش ٿي.
16 اپريل 1922ع ليکڪ ڊاڪٽر مولچند جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 اپريل 1943ع ليکڪ فتح الله صديقي (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1944ع سگهڙ سلطان ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1946ع شاعر ٿڌارام انپڙ جي جنم جو ڏينهن آهي.
16 اپريل 1949ع ليکڪ ماروي ابڙو (قمبر) جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1950ع اديب ۽ شاعر سيد غلام اڪبر شاهه نمائي جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1952ع ناول نويس ۽ ڊراما نگار انور بلوچ (نصير آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1961ع شاعر دکي دائود جو جنم ڏينهن آهي.
16 اپريل 1978ع باليووڊ اداڪاره ۽ اڳوڻي مس يونيورس لارادتا جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

16 اپريل 1921ع سياستدان رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو انتقال ڪري ويو.
16 اپريل 1961ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ عوامي هلچل جي باني ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي جو انتقال ٿيو.
16 اپريل 1987ع سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي جي وفات ٿي.

16 اپريل 2013ع ڪامريڊ مير محمد ٽالپر (ٽنڊو ڄام) لاڏاڻو ڪري ويو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو