Wednesday 17 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 17 اپريل تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  17 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

17 اپريل 1905ع تعليمدان هري لال ڀارواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 اپريل 1909ع صحافي ۽ آزادي پسند تحريڪ جي رڪن ديپچندر تلڪوچن (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1923ع اسڪالر نبي بخش قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 اپريل 1927ع شاعر احمد خان گلزار جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1943ع آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر عاشق عارباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1950ع شاعر ڪمال سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1953ع ليکڪ رجب سمون (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1955ع ليکڪ امان الله ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
17 اپريل 1960ع سگهڙ قادر بخش چنو جي جنم جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

17 اپريل 1929ع ليکڪ پهلاج راءِ واسواڻي ديهانت ڪري ويو.
17 اپريل 1965ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحليم راجنپوري جو لاڏاڻو ٿيو.
17 اپريل 1999ع مولوي قادر بخش قاسمي جي وفات ٿي.
17 اپريل 2007ع اداڪاره شيلا راماڻي انتقال ڪري وئي۔
17 اپريل 2010ع سماج سڌارڪ غلام نبي ڀنگر (جيڪب آباد) جو انتقال ٿيو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو