Friday 5 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 5 اپريل تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  5 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

5 اپريل 1860ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام احمد ملڪاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1905ع فريڊم فائيٽر ڪرپال شرما (ڪوٽڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1925ع ليکڪ ابن الياس سومرو (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1931ع شاعر احمد خان مدهوش جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1932ع اسڪالر محمد اشرف منصور دائودپوٽو (ٽلٽي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1932ع تعليمدان پروفيسر امينا هاليپوٽو (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1937ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر نند هندوجا (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1943ع ليکڪ امين الله علوي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1944ع شاعر ساجد لالپوري (جهانپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 اپريل 1953ع شاعر محمد خان مصروف مينڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1961ع شاعر عاجز سرگاڻي (صوبدار سرگاڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1965ع صحافي نادر بلوچ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1965ع ليکڪ مبين وساڻ (ڪنڊياري) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1978ع ليکڪ شبير لغاري (شير لغاري) جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1984ع ليکڪ مشتاق رند (مير رند) جو جنم ڏينهن آهي.
5 اپريل 1987ع شاعر وفا خميسو ڪنڀر (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

5 اپريل 1838ع مولانا عبدالحڪيم ڪنڊي وارو انتقال ڪري ويو.
5 اپريل 1885ع محقق ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو لاڏاڻو ٿيو.
5 اپريل 1931ع مولانا محمد قاسم (ڳڙهي ياسين) جو انتقال ٿيو.
5 اپريل 1954ع ڊراما نگار خانچند درياڻي جي ديهانت ٿي.
5 اپريل 1987ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير علي احمد خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
5 اپريل 1993ع باليووڊ جي خوبصورت اداڪاره ديويا ڀارتي جو پراسرار موت ٿيو.

5 اپريل 1994ع مشهور قوال غلام فريد صابري دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو