Sunday 7 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 7 اپريل تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  7 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 اپريل 1923ع اسڪالر ڊاڪٽر اين بي جي قاضي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 اپريل 1927ع شاعر ولي دائودپوٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 اپريل 1935ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1935ع ليکڪ ۽ ناول نگار آغا سليم (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1942ع باليووڊ اداڪار جيتندر جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1947ع گلوڪار راجيش ڀاردواج (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1950ع شاعر مير عبدالرسول مير جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1975ع ليکڪا فهميده شرف جو جنم ڏينهن آهي.
7 اپريل 1978ع شاعر همدرد سومرو (چوکنڊي) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 اپريل 1934ع جان محمد ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو.
7 اپريل 1958ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن پير حاجي مٺل شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1967ع مير جعفر خان جمالي جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1973ع پير عبدالله جان جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1989ع شاعر ايم يعقوب جليس (هالا) جو انتقال ٿيو.
7 اپريل 1992ع جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي وفات ٿي.
7 اپريل 2012ع قومپرست اڳواڻ شهيد بشير قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو