Friday 19 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 19 اپريل تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  19 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

19 اپريل 1418ع سيد حسين شاهه مراد شيرازي (ٺٽو)جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 اپريل 1903ع ليکڪ ڀوڄ راڄ نانگراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 اپريل 1913ع ليکڪ جڳت آڏواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
19 اپريل 1928ع لطيف جي پارکو ۽ رسالي تي ڪم ڪندڙ ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ۾ پيدا ٿيو.
19 اپريل 1934ع صحافي گهنشام منگلاڻي (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
19 اپريل 1937ع گلوڪار گرمک بجاج (لاڙڪاڻو / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
19 اپريل 1955ع اداڪار دليپ بچاڻي (الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
19 اپريل 1955ع ليکڪا عذرا جبين (ڪوٽڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
19 اپريل 1960ع مزاحيه اداڪار عمر شريف جو ڪراچي ۾ جنم ٿيو.
19 اپريل 1967ع ليکڪ، پبلشر ۽ شاعر علي گوهر الطاف ملڪاڻي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
19 اپريل 1975ع ليکڪ ۽ شاعر بخشل باغي (نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

19 اپريل 1912ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير شيخ صادق علي لاڏاڻو ڪري ويو.
19 اپريل 1974ع سابق صدر فيلڊ مارشل ايوب خان جو انتقال ٿيو.
19 اپريل 1970ع اردو جي مصنف ۽ ڊراما نگار امتياز علي تاج کي قتل ڪيو ويو.
_______

  
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو