Friday 17 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 17 مئي تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  17مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

17 مئي 1545ع هالا سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1804ع ٽالپر حڪمران مير نصير خان (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1810ع رياست ميرپور خاص جي اڳوڻي حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر (ميرپورخاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

17 مئي 1924ع ليکڪ سيد منظور نقوي جو جنم ڏينهن آهي.
17 مئي 1934ع چانڊيا قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو (غيبي ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1950ع سگهڙ عبدالحڪيم ناريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1963ع اداڪاره جيوتي مهتا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1967ع شاعر غلام حيدر شاهه حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

17 مئي 1958ع موسيقار آسر فقير خواجه جو انتقال ٿيو.
17 مئي 2012ع ٿر جي سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي انسان فقير مقيم کوسي جو لاڏاڻو ٿيو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو