Sunday 19 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 19 مئي تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن 19 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

19 مئي 1864ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ آزادي پسند سيد عبدالحڪيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1875ع شاعر غلام حسين شيخ (شيخ اياز جو والد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1961ع شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 مئي 1962ع شاعر مسڪين پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
19 مئي 1976ع شاعره عطيه بتول تنيو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

19 مئي 1922ع مذهبي اسڪالر پير رشدالله راشدي (پير جهنڊو) جو لاڏاڻو ٿيو.
19 مئي 1932ع شاعر مرزا قربان علي بيگ (ٽنڊو آغا) جو انتقال ٿيو.
19 مئي 1933ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا بهاء الدين بهائي جي وفات ٿي.
19 مئي 1963ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام حسين ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي وفات ٿي.
19 مئي 1964ع همايون سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم مولانا عبدالباقي جو لاڏاڻو ٿيو.
19 مئي 1966ع صحافي ۽ آزادي پسند دورڪا پرساد شرما (دادو) جي ديهانت ٿي.
_______


 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو