Friday 31 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 31 مئي تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  31مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

31 مئي 1816ع بزرگ سيد علي گوهر شاهه بنگلي ڌڻي (پيرڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1825ع انگريز ليکڪ ۽ لسانيات جي ماهر ايڇ جي راورٽي (مهراڻ آف سنڌ جو ليکڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1902ع موسيقار ۽ شاعر احمد چاڳلا (قومي تراني جي ڌن جو خالق) جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1909ع صحافي عبد العلي قلباڻي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1921ع ليکڪ سورت هنگواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1937ع ليکڪ ڪِشن پنجابي (شڪارپور / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1942ع تعليمدان ۽ شاعر آغا روشن علي پٺاڻ (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1946ع براڊڪاسٽر نثار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1968ع صحافي رحيم بخش جمالي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

31 مئي 1903ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير قادر داد خان جو لاڏاڻو ٿيو.
31 مئي 1950ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا هدايت الله عارفاڻي (ڪنڊيارو) جي وفات ٿي.
31 مئي 1968ع اسڪالر رائچند (چيلهيار) ديهانت ڪري ويو.
31 مئي 1978ع شاعر عارف المولا جي وفات ٿي.
31 مئي 1999ع گلوڪار، موسيقار، اداڪار ۽ هدايتڪار عنايت حسين ڀٽي جو انقال ٿيو.
31 مئي 2005ع بزرگ سيد شهباز علي جهانيان جو لاڏاڻو ٿيو.
_______
  
حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو