Wednesday 29 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 29 مئي تاريخ جي دريءَ مان

اڄوڪي ڏينهن  29مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

29 مئي 1890ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مئي 1944ع شاعر غلام علي مٺل چنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مئي 1940ع اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مئي 1970ع ليکڪا ۽ ٽي وي ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
29 مئي 1982ع شاعره، ڪالم نگار ۽ سياستدان فاطمه ڀٽو (شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

29 مئي 1785ع مير نور علي شاهه رضوي جو انتقال ٿيو.
29 مئي 1884ع سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪندڙ انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر جو انتقال ٿيو.
29 مئي 1933ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما ديهانت ڪري ويو.
29 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم ابوبڪر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو.
29 مئي 1952ع شاعر ۽ بزرگ پير تقي شاهه جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو.
29 مئي 1985ع ليکڪ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه
وڪيپيڊيه
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو