Wednesday 22 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 22 مئي تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  22مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

22 مئي 1820ع شاعر فقير الهرکيو مهر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 مئي 1929ع اڳوڻي سيڪريٽري تعليم سيد پناهه علي شاهه (مورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 مئي 1936ع ليکڪ ٿانور ستواڻي (دادو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

22 مئي 1441ع بزرگ سيد احمد ٺٽوي (ٺٽي جا شيرازي سندس اولاد مان آهن) لاڏاڻو ڪري ويو.
22 مئي 1846ع مذهبي اسڪالر ۽ عالم حافظ ابو محمد سالم سنڌي محدث جو لاڏاڻو ٿيو.
22 مئي 1901ع بزرگ پير روشن سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو.
22 مئي 1968ع شاعر ڪوي سنت سوامي پهلاج راءِ ديهانت ڪري ويو.
22 مئي 1989ع ناليواري سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود گلزار ميمڻ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
22 مئي 2012ع جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻ مظفر ڀٽو تي تشدد ڪري کيس شهيد ڪيو ويو.
22 مئي 2012ع شهيد سنڌ غزاله بتول صديقي کي ڪراچي ۾ وحدت سنڌ ريلي تي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.
_______
  
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو