Tuesday 21 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 21 مئي تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  21مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

21 مئي 1921ع ليکڪ ارجن ڀارواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1936ع ليکڪ حشمت هرواڻي (جهنڊو مري/احمد آباد)  جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ حسين بخش ڪانهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ پٿر ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ارشاد نبي عباسي (سوڀودير / تنوير عباسي جو ڀاء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1954ع اسٽيج ڊائريڪٽر وڪرم شهاڻي (خيرپور / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1973ع ناليواري صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري (ڇور) جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

21 مئي 1951ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا در محمد ڊول جو انتقال ٿيو.
21 مئي 1970ع مشهور هاري اڳواڻ، شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مئي 1975ع مشهور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر کي اٽليء ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
21 مئي 1991ع ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي کي خودڪش بم حملي ۾ قتل ڪيو ويو.
_______
  
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

1 comment:

  1. سنڌي تاريخ بابت ڄاڻ ڪرڻ جو هي هڪ بهتري ذريعو آهي. هن ڪم لاءِ توهانجي جيترا ٿورائتا مڃجن گھٽ آهي- ڀڳوان ٻاٻاڻي، سنت هردارام نگر، بهوپال (سنڊيا).

    ReplyDelete