Monday 27 May 2013

اڄوڪو ڏينهن 27 مئي تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  27مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

27 مئي 1908ع شاعر عبدالفتاح فائق جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 مئي 1914ع ناليواري مسخري نالي مٺو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 مئي 1947ع اداڪاره آشا برج لال هرگناڻي (شملا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 مئي 1962ع مشهور ڪمينٽيٽر ۽ ڪرڪيٽر روي شاستري جو جنم ڏينهن آهي.
27 مئي 1973ع ليکڪ اظهر جسڪاڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

27 مئي 1923ع مذهبي اسڪالر حبيب الله سنڌي نوشهرائي جو انتقال ٿيو.
27 مئي 1925ع اڳوڻي خيرپور رياست جي مفتي سيد ميران شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
27 مئي 1964ع هندستان جو پهريون وزيراعظم جواهر لعل نهرو ديهانت ڪري ويو.
27 مئي 1993ع فلمي اداڪاره راني جي ڪراچي ۾ وفات ٿي.
27 مئي 1999ع اسڪالر، صحافي ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر خان محمد پهنور وفات ڪري ويو.
27 مئي 2007ع صحافي اي جي چانڊيو حيدرآباد ۾ هڪ تقريب ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.


حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانه
وڪيپيڊيه
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو